شيرين خسرو قلمي نسخو

شيرين خسرو (قلمي نسخو): هي سرائيڪيءَ ۾ منظوم قصو آهي، جيڪو اصل ۾ شيرين خسرو جي عشقيه داستان تي مشتمل آهي. هن قلمي نسخي جو مصنف ميان غلام محمد گدا لاڙڪاڻوي آهي. هيءَ مثنوي 1286هه/ 1869ع ۾ مڪمل ٿي. هن قلمي نسخي جو ڪاتب غلام سرور آهي، جڏهن ته ڪتابت جو سن معلوم نه آهي. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
“هو الحق بسم الله الرحٰمن الرحيم رب يسر وتمم باالخير-
هي خاوند رب خالق جي مثالي
قادر پيچون لم يلد ذوالجلالي....الخ”
پڄاڻي هئين ٿئي ٿي:
“.......موتو قبل انت موتو ٿيا بقائي”
هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي. هن نسخي ۾ ڪل 75 صفحا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو